اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار چيو آ??ي ته ڀارت مسلمانن ۽ ٻين اقليتن جي خلاف ڀرپور مهم جاري رکي آهي، توهين آميز جملن جي معاملي تي ڀارتي سفارتڪار کي گهرائي شديد احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، ڀارت ڪنهن ٻي کي نه پر پنهنجو پاڻ کي ئي بيوقوف بڻائي رهيو آهي، ڀارت کي ڪشمير ۾ ظلم بند ڪري اتي ??وري گڏيل قومن جي نگراني ۾ آزاداڻي راءِ شماري ڪرائڻ گهرجي. هو پرڏيهي آفيس ۾ ميڊيا کي هفتيوار بريفنگ ڏئي رهيو هو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار چيو ته ڀارتي بي جي پي جي ٻن عملدارن پاران توهين آميز جملن جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا، هن چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود مختلف سفارتڪارن کي ڀارت ۾ توهين آميز جملن، هندو توا جي فروغ ۽ اقليتن تي ڀارتي ظلم کان آگاهه ڪيو، جيڪڏهن ڀارت ۾ ٿوري به اخلاقي جرئت آ??ي ته هو فوري طور تي ان بي جي پي عملدارن جي بيانن جي مذمت ڪري، ڀارت انهن عملدارن کي ڪٽهڙي ۾ آڻي، هن چيو ته پاڪستان مذهبي هم آهنگي ۽ رواداري کي فروغ ڏئي رهيو آهي، پاڪستان 600 کان وڌيڪ سک ياترين ??ي مقدس ماڳن جي ياترا لاءِ ويزا جاري ڪئي، هن ٻڌايو ته جرمن پرڏيهي وزير انا ??ينائبير بوڪ پاڪستان جو دورو ڪيو، بدقسمتي سان ڪورونا ??يسٽ مثبت اچڻ جي ڪري جرمن پرڏيهي وزير کي دورو مختصر ڪرڻو پيو، هن ٻڌايو ته ايراني سفير و??ير??عظم سان ملاقات ڪئي، و??ير??عظم بلوچستان ۾ لڳل باهه وسائڻ ۾ ايران جي مدد تي ??ورو ادا ڪيو، هن چيو ته گذريل ڏينهن پرڏيهي وزارت ۽ آذربائيجان جي سفارتخاني پاران گڏيل تقريب جو انعقاد ڪيو ويو.