اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان کي عقل جي ڳالهه دير سان سمجهه ۾ آئي، انهي لاءِ پارليامينٽ مان ڪڍيو ويو، عمران خان جي عقل ۾ آئين جي ڳالهه اچي وڃي ها ته اڌ رات جو عدالت جا دروازا نه کلن ها، عمران خان کي عقل جي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ها ته عوام دشمن شرطن تي اکيون بند ڪر?? معاهدن تي صحيحون نه ڪر?? ها، عمران کي عقل ه??ي ها ته معيشت تباهه، روزگار ختم ۽ تاريخي مهانگائي سان عوام جو ساهه بند نه ٿئي ها، امپورٽيڊ ترجمان پنهنجي ريجيڪٽيڊ ليڊر جي مجروح انا جي تسڪين لاءِ روز نوان ڪوڙ ڳالهائيندا آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جي بيان تي پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان کي عقل ه??ي ها ته توهان جهڙا اڌارا ترجمان هجن ها؟ عمران خان ۾ عقل ه??ي ها ته فرح گوگي جي ذريعي ڪر??شن ڪر?? ها؟ توشا خانه جي قومي امانت ۾ خيانت ڪر?? ها؟ پنهنجي چئن سالن جي 20 هزار ارب جي تاريخي قرض وانگر ڪوڙ ڳالهائي پنهنجي گناهن جو روزاني بار وڌائي رهيو آهي، هن چيو ته عملي طور تي توهان جي حڪومت ختم ٿي چڪي آهي پر توهان مڃڻ لاءِ تيار نه آهيو، جيڪي ماڻهو پاڻ نه ويا انهن کي آئين جي طاقت سان ڪڍيو ويو آهي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان حقيقت کي تسيلم ڪر??، عوام فيصلو ڪر?? چڪي آهي، ان جي سامهون سر جهڪائي، عوام فيصلو ڪيو ته عمران خان جي نالائقي، نااهلي ۽ ڪر??شن کان جان آجي ڪرائي وڃي، باقي الحمد الله اسان آجي ڪرائ?? ڇڏي آهي.