اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف يو اي اي جي صدر شيخ خليفه بن زيد النيهان جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ متحده عرب امارات ويندو، وزيراعظم اڄ ڇنڇر ڏينهن لنڊن کان متحده عرب امارات ويندو، جتي آچر تي يو اي اي جي ولي عهد شيخ محمد بن زيد النيهان سان مرحوم صدر جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف يو اي اي جي قياد?? ۽ ??وام سان افسوس جو اظهار ڪندو. پاڪستان جي عظيم دوست شيخ زيد جي لاڏاڻي کانپوءِ شيخ خليفه بن زيد پنهنجي والد جي مشن کي قابليت سان اڳتي وڌايو. وزيراعظم شهباز شريف تعزيتي پيغام ۾ چيو ته شيخ زيد يو اي اي جي فيڊريشن جو بنياد رکيو هو، شيخ خليفه ان کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ۽ مثالي ترقي ڏني، 50 سالن جي مسلسل محنت سان شيخ خليفه يو اي اي لاءِ پنهنجي والد جي ترقياتي ??يز?? کي نئين بلندين تي پهچايو، شيخ خليفه مرحوم پنهنجي دور ۾ مشاورت کي پنهنجي قوت بڻايو، هو عوام سان رابطي ۾ رهندو هو، وزيراعظم تعزيتي پيغام ۾ چيو ته هو اعليٰ تعليم يافته ۽ زيرڪ شخصيت هو جنهن پنهنجي اقتدار کي مل?? ۽ ??وام جي خدمت لاءِ وقف رکيو، شيخ زيد وانگر شيخ خليفه بن زيد النيهان جو لاڏاڻو مسلمان امت لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي، وزيراعظم مرحوم جي بلند درجن ۽ يو اي اي جي حڪوم?? ۽ ??وام لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.