اسلام آ??اد – 24 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عدالتي حڪمن جون ڌڄيون اڏائيندڙ چون ٿا ته رات جو عدالتون ڇو کليون؟ جڏهن آئين شڪني ٿيندي ته عدالتون ته کلنديون. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ع??ران خان فسطائيت ۽ آئين شڪني ڇڏي، پارليامينٽ کي اغوا ڪندڙ نه بڻجي، اڳ ۾ آئين، جمهوريت ۽ پارليامينٽ کي ??رغ??ال بڻائي ٿو ۽ پوءِ چوي ٿو ته عدالتون ڇو ٿيون کلن؟ هن چيو ته آئين شڪني تي عدالتون کلن ته ع??ران صاحب سازش جا ڪوڙ ڳالهائڻ لڳي ٿو، آئين شڪن ٽولي کي آرٽيڪل 6 تحت سزا ملڻ گهرجي. هن چيو ته ڀلي پوري پي ٽي آءِ بيمار پئجي وڃي حم??ه شهباز حلف ضرور کڻندو.