اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) قومي ا??يمبلي جي ڊپٽي ا??پيڪر زاهد اڪرم خان دراني ڊپٽي ڊائريڪٽر پروٽوڪول تنوير حسين ملڪ جي گهر ويو جتي هن تنوير حسين ملڪ جي والده جي لاڏاڻي تي ساڻس تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مرحومه جي روح جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. هن چيو ته ماءُ جو رشتو دنيا جي عظيم نعمت تصور ڪيو ويندو آهي جنهن جو دنيا مان هلي وڃڻ سان ان جي کوٽ سدائين محسوس ڪئي ويندي آهي، هن چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ سوڳوار خ??ندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. ڊپٽي ا??پيڪر مرحومه جي بلند درجن ۽ سوڳوار خ??ندان کي ان ناقابل تلافي نقصان کي برداشت ڪرڻ لاءِ صبر جميل جي دعا به ڪئي. واضح رهي ته ڊپٽي ڊائريڪٽر تنوير حسين ملڪ جي والده مختصر علالت کانپوءِ 21 رمضان المبارڪ تي ا??لام آباد ۾ لاڏاڻو ڪري وئي ه??ي. ??ندس جنازي نماز ۽ تدفين سندس اباڻي شهر ميانوالي ۾ ادا ڪئي وئي هئ??.