اسلام آباد – 20 – ??ار?? (اي پي پي) مصر جو پرڏيهي وزير سامح شڪري اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين سيشن ۾ شرڪت جي لاءِ آچر ڏينهن اسلام آباد پهچي ويو. سندس اچڻ تي وزيراعظم جي مذهبي هم آهنگي واري خاص نمائندي علامه طاهر محمود اشرفي سندس استقبال ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي علامه طاهر محمود اشرفي چيو ته پاڪستان ۽ مصر ڀائراڻا ل??ڳاپا رکن ٿا. هن چيو ته مصر جو پرڏيهي وزير 24 سالن کانپوءِ پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي ۽ اسان سندس شاندار استقبال ڪريون ٿا. خ??وص?? نمائندي چيو ته او آءِ سي ڪانفرنس ۾ مسلمان امت کي درپيش مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي ۽ ڪانفرنس منعقد ڪ??ڻ سان مسلمان امت کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ ۾ مدد ملندي. ان موقعي تي مصر جي پرڏيهي وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڪانفرنس منعقد ڪ??ڻ سان مسلمان امت جي ترقي ۾ مدد ملندي.