اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان عالمي سطح تي ڪنهن گروپ جو حصو نه آهي، پاڪستان روس سان بهترين ۽ سمورن ملڪ?? سان واپاري لاڳاپن جو خواهشمند آهي، اسان چاهيون ٿا ته يوڪرين جو مسئلو پرامن طريقي سان حل ٿئي، طاقت جي بدران ڳالهي?? سا?? مسئلن کي حل ڪرڻ جو قائل رهيو آهيان، پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ اصل مسئلو ڪشمير جو آهي، اسرندڙ ملڪن جو پئسو واپس ڪرڻ جي لاءِ ترقي يافته ملڪن کي ڪو قانون ٺاهڻ گهرجي. دولت جي غيرمنصفاڻي ورڇ ۽ مني لانڊرنگ تمام وڏو چئلينج آهي، جيستائين توهان پنهنجي غلطين ما?? نه ٿا سکو اڳتي نه ٿا وڌي سگهو. اهڙن خيالن جو اظهار هن روسي ٽي وي آر ٽي کي ڏنل انٽرويو ۾ ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته انسان سدائين خدا جي ڳولا ۾ رهي ٿو، ٻين انسانن جي بهتري لاءِ سوچڻ اسان جي ذميواري آهي، انسان کي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن. هن چيو ته ماحوليا??ي آلودگي هڪ تمام وڏو چئلينج آهي، ان جي ڪري دنيا متاثر ٿي رهي آهي، پاڪستان ماحوليا??ي آلودگي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته دولت جي غيرمنصفاڻي ورڇ ۽ مني لانڊرنگ تمام وڏو چئلينج آهي، حڪمرانن جي ڪرپشن ۽ پئسي جي منتقلي سان اسرندڙ ملڪن کي وڌيڪ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، حڪمرانن جي ڪرپش?? سان ادارا تباهه ٿي وڃن ٿا. هن چيو ته مني لانڊرنگ ۽ غيرمنصفاڻي ورڇ سان غربت ۾ اضافو ٿئي ٿو، ملڪ جو پئسو ٻاهر منتقل ڪرڻ تباهي جي برابر آهي. هن زور ڏنو ته ان سلسلي ۾ اسرندڙ ملڪن جو پئسو واپس ڪرڻ جي لاءِ ترقي يافته ملڪن کي ڪو قانون ٺاهڻ گهرجي. هن چيو ته ماضي ۾ سرد جنگ پوري دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو هو، جڏهن ته پاڪستان عالمي سطح تي ڪنهن گروپ جو حصو نه آهي، البته هن چيو ته ماضي ۾ پاڪستان آمريڪي گروپ جو حصو هو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان سمورن ملڪ?? سان واپاري لاڳاپا چاهيون ٿا، افغان پناهگيرن کي پاڪستان پناهه ڏني، ٻاهرئين امداد هڪ لعنت آهي، ان جي لاءِ ملڪن کي غلط فيصلا ڪرڻا پون ٿا، جيستائين توهان پنهنجي غلطين ما?? نه ٿا سکو اڳتي نه ٿا وڌي سگهو. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ڪورونا جي ڪري پوري دنيا جي معيشت کي جهٽڪو لڳو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان چاهيون ٿا ته يوڪرين جو مسئلو پرامن طريقي سان حل ٿئي، آئون طاقت بدران ڳالهي?? سا?? مسئلن کي حل ڪرڻ جو قائل رهيو آهيان. پنهنجي روس جي دوري جي ڏس ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان روس سان بهترين لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ڀارت پنهنجي ماڻهن کي غربت ما?? ٻاهر ڪڍڻ جي لاءِ قدم کڻي، پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ اصل مسئلو ڪشمير جو آهي، جڏهن اقتدار سنڀاليو ته ڀارت کي ڳالهين جي دعوت ڏني، ڀارت ۾ فاشسٽ نظريا رکندڙ پارٽي جي حڪومت آهي. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ايران مٿان پابنديون ختم ٿي وڃن، غربت جي خاتمي لاءِ اسان کي چين کان سکڻو پوندو، ٻين انسانن جي بهتري لاءِ سوچڻ اسان جي ذميواري آهي.