اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مختلف مذهبن جي ماڻهن جي وچ ۾ پرامن گڏيل بقاءَ جي لاءِ بين المذاهب هم آهنگي ۽ گڏيل افهام تفهيم ??ي ضرورت آ??ي، معاشري کي روادار بڻائڻ جي لاءِ گڏيل احترام کي فروغ ڏيڻ لازمي آهي. ايوان صد?? جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صد?? ڊاڪٽر عارف علوي سان آرچ بشپ آف ڪينٽربري جسٽن ويليبي ملاقات ڪئي. جنهن ۾ مذهبي ادارن خاص طور تي مسجدن ۽ چرچ جي اهميت تي روشني وڌي وئي. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته مذهبي ادارا قومن جي وچ ۾ مذهب هم آهنگي ۽ گڏيل افهام تفهيم جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته دنيا کي مختلف مسئلا درپيش آهن، معاشري کي روادار بڻائڻ جي لاءِ گڏيل احترام کي فروغ ڏيڻ لازمي آهي، دنيا کي انسانيت ۽ امن جي لاءِ ڪم ڪر??، ماڻهن جون مصيبتون ۽ تڪليفون ختم ڪرڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آ??ي. هن چيو ته پاڪستان 40 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي. پناهگيرن جي سارسنڀال ڪرڻ عالمي برادري جي پڻ اخلاقي ذميواري آهي. آرچ بشپ چيو ته پناهگيرن جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي ڪنوينشن جي ضرورت آ??ي.