ماسڪو – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ٻ?? عالمي جنگ دوران جانين جا نذرانا پيش ڪ??دڙ روسي فوجين جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي. يادگار اچڻ تي ٻ?? عالمي جنگ ۾ جانين جا نذرانا پيش ڪ??دڙ فوجين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ هڪ منٽ جي خام??شي اختيار ڪئي وئي. ٻنهي ملڪن جا ق??مي ترانا پڻ وڄايا ويا ۽ فوجي دستي مارچ پاسٽ ڪندي وزيراعظم کي سلامي پيش ڪئي. يادگار ڪريملن جي ٻاهران اليگزينڊر باغ ۾ تعمير ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، توانائي وارو وفاقي وزير حماد اظهر، وزيراعظم جو واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جو ق??مي سلامتي وارو صلاحڪار معيد يوسف ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جو اڳواڻ عامر ڪياني پڻ موجود هئا.