اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) قومي سلا??تي بابت پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اجلاس ۾ تجويز ڪيل قومي سلا??تي پاليسي تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم جي قومي سلا??تي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ڪميٽي کي پاليسي جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو. ڊاڪٽر معيد يوسف ڪميٽي کي ٻڌايو ته قومي سلا??تي جي پاليسي انساني، اقتصادي ۽ دفاعي سلا??تي جي وچ ۾ تعلق کي نظر ۾ رکندي عوام جي ??وش??الي ۽ تحفظ جي لاءِ جوڙي وئي آهي. هن چيو ته اقتصادي سيڪيورٽي ان پاليسي ۾ بنيادي جز آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته پاليسي جو مقصد انساني ۽ دفاعي سلا??تي ۾ وڌيڪ وسيلن جي فراهمي ۽ سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ آهي. قومي سلا??تي واري صلاحڪار ڪميٽي کي ٻڌايو ته قومي سلا??تي پاليسي جي جوڙجڪ جي لاءِ ڌرين سان مشاورت جو عمل قومي سلا??تي ڊويزن جي قيام کانپوءِ سال 2014ع ۾ شروع ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته 2018ع ۾ هڪ ڊرافٽنگ ڪميٽي قائم ڪئي وئي هئي جنهن اڳ ۾ ڪيل ڪم کي وڌيڪ اڳتي وڌايو. هن ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ته انهن ڪيترن ئي مسودن ??ي سمورن رياستي ادارن بشمول صوبائي حڪومت ۽ گلگ بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حڪومتن سان مشاورت ڪئي وئي. هن چيو ته پاليسي جي عمل کي وڌيڪ ٺوس بڻائڻ جي لاءِ مشاورتي عمل ۾ سڄي پاڪستان مان 600 کان وڌيڪ تعليمي ماهرن، تجزيه ڪارن، سول سوسائٽي جي ميمبرن ۽ شاگردن ??ان پڻ مشاورت ۾ شامل ڪيو ويو. قومي سلا??تي واري صلاحڪار ٻڌايو ته اقتدار جي منتقلي ۽ تيزي سان بدلجندڙ عالمي حالتن سان قومي سلا??تي پاليسي جي ترجيحن کي هم آهنگ بڻائڻ جي لاءِ قومي سلا??تي پاليسي جي دستاويز جو هر سال جائزو ورتو ويندو. پنهنجي بريفنگ جي پڄاڻي تي قومي سلا??تي جي صلاحڪار چيو ته تجويز ڪيل قومي سلا??تي پاليسي مستقبل ۾ ملڪ کي درپيش چئلينجز ۽ موقعن جو خاڪو پيش ڪندي. هن چيو ته هي پاليسي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ موقعن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ رهنما اصول فراهم ڪندي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر قومي سلا??تي جي پاليسي کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته اها پاليسي موجوده حڪومت جي هڪ ??وش??ال ۽ محفوظ پاڪستان جي عزم جي عڪاسي آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ جمهوري ادارن جي مضبوطي جي لاءِ قومي پاليسين تي عوامي نمائندن ??ان مشاورت ضروري آهي. هن چيو تهپ اليسي ملڪ کي مستقبل ۾ پيش ايندڙ اندروني ۽ ٻاهرئين چئلينجز جو احاطو ڪندي ۽ انهن جي خاتمي لاءِ رهنمائي فراهم ڪندي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن قومي سلا??تي پاليسي جي جوڙجڪ تي سيڪيورٽي ڊويزن جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته هي پاليسي محفوظ ۽ ??وش??ال پاڪستان طرف هڪ مثبت اڳڀرائي ثابت ٿيندي. شرڪت ڪندڙن چيو ته هن وقت ملڪ کي اندروني ۽ ٻاهريان چئلينجز درپيش آهن جن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اهڙي ئي ٺوس سلا??تي پاليسي جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن، سينيٽ ۾ قائد ايوان، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ميمبرن، قومي سلامتي، دفاع، پرڏيهي معاملن ۽ گهرو ڊويزن جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.