اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ضلعي ?? تعلقي جي سطح تي مارڪيٽ ڪميٽين کي وڌيڪ موثر بڻائي عام ماڻهو کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي ل??ءِ ??مورا ضروري قدم کنيا وڃن. اها هدايت هن پنهنجي صدارت ۾ ملڪ ۾ گڊ گورننس بابت اجلاس ۾ ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته عالمي منڊي ۾ مهانگائي جي تازي رجحان جي ڪري پاڪستان ۾ هن وقت مهانگائي جا اثر پئجي رهيا آهن، اسان گڊ گورننس ۽ بهتر پرائس ڪنٽرول مڪينزم جي ذريعي ضرورت جي شين جي قيمتن جي موثر نگراني کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ ??خت محنت ڪري رهيا آهيون، ان مقصد جي ل??ءِ ??پلائي چين ت?? مناسب ڪنٽرول، قيمتن جو موثر نفاذ ۽ ذخيره اندوزي تي سخت چيڪ کي وڌيڪ موثر بڻايو پيو وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي ضلعي ?? تعلقي سطح تي مارڪيٽ ڪميٽين کي وڌيڪ موثر بڻائي عام ماڻهو کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي ل??ءِ ??مورا ضروري قدم کڻن. ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان کي ٻڌايو ويو ته پي ٽي آءِ ??ي گڊ گورننس ٽيم پاران راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ ڪاميابي سان پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ حڪومت جي جاري ڪيل اگهن ت?? عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي ذريعي ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ خاطرخواهه گهٽتائي آئي آهي. وزيراعظم کي اهو به ٻڌايو ويو ته ضلعي ?? تعلقي جي سطح تي قيمتن جي نگراني جي ??ضب??ط مڪينزم جي نئين سر جوڙجڪ جي ل??ءِ ??يرموثر مارڪيٽ ڪميٽين بابت حاصل ڪيل منع نامن کي جلد کان جلد ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت فياض ترين، سينيٽر سيف الله نيازي ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا.