اسلام آباد -19 آڪٽوبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وز??ر پير نور الحق قادري چيو آهي ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي اسوه حسنه تي عمل ڪرڻ گهرجي، اسا?? کي دنيا ۽ آخرت سنوارڻ لاءِ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جن جي سيرت مبارڪه تي عمل جي ضرورت آهي.
نماز مؤمن جو معراج آهي، اڄوڪي ڏينهن اسان جي پياري نبي حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن سان وفا جي عهد جي تجديد جو ڏينهن آهي، انساني تاريخ م سڀ کان مبارڪ ڏينهن 12 ربيع الاول جو ڏينهن آهي. اهڙو اظهار هن قومي رحمت اللعالمين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وز??ر چيو ته قومي رحمت اللعالمين ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي مبارڪون پيش ڪيان ٿو، جن ماڻهن ان حوالي سان ڪوشش ڪئي الله تعاليٰ سندن ڪوشش?? کي قبول فرمائي.
هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن جي حوالي سان علامه اقبال فرمايو هو ته ”ڪي محمد سي وفا توني تو هم تيري هين، يه جهان چيز هي ڪيا، لوهه و قلم تيري هين.“ هن چيو ته وز??راعظم عمران خان طرفان رحمت اللعالمين اٿارٽي قائم ڪرڻ هڪ احسن قدم آهي. هن چيو ته وز??راعظم اڄ جيڪو ڪم ڪيو آهي، اهو اڄ کان 70 سال پهرين ٿيڻ گهرجي ها. هن چيو ته اڄ جو نوجوان اسوه حسنه تي عمل پيرا ٿي ڪامياب ٿي سگهي ٿو.