اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بلوچستان جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، حڪومت بلوچ نوجوانن کي ق??مي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراع??م کي بلوچستان پيڪيج تحت جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم عمران خان چيو ته بلوچستان جي ترقي، حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. حڪومت بلوچستان لاءِ تا??يخ?? پيڪيج جو اعلان ڪيو. هن چيو ته بلوچستان جي افرادي ق??ت ملڪ جو اصل ثاثو آهي، حڪومت بلوچ نوجوانن کي ق??مي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي.