ا??لا?? آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته نيب چيئرمين جي مقرري جي لاءِ جوابدار شهباز شريف سان مشاورت نه ٿي ٿي سگهي، ڪڏهن ڪنهن جوابدار کان پڇيو ويو ته جاچ ڪندڙ ڪير هوندو؟ وف??قي وزير چوڌري فواد حسين سان گڏ پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هڪ سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته شهباز شريف کي اخل??قي طور تي مخالف ڌر اڳواڻ نه هجڻ گهرجي، شفاف اليڪشن ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ شهباز شريف آهي. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 218 موجب اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي ته اها صاف ۽ شفاف اليڪشن ڪرائي، ان حوال?? سان سپريم ڪورٽ جا به واضح حڪم آهن.