اسلام آباد/نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ۽ نارو?? جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ تعمير ۽ ترق?? جي شعبن ۾ تعاون مثالي نوعيت جو آهي. اها ڳالهه هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبل?? جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي نارو?? جي پنهنجي هم منصب اينا ايريڪس سوريڊا سان ملاقات دوران چئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات دوران ٻه طرفي لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ناروي جا لاڳاپا تاريخي نوعيت جا آهن، ناروي ۾ رهندڙ پنج هزار پاڪستانين جو، ٻطرفي لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ?? سياسي، اقتصادي، توانائي ۽ گڏيل دلچسپ?? جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ جا وسيع موقعا م??جو?? آهن. حڪومت پاڪستان ٻاهرين سيڙپڪارن کي پُرڪشش مراعتون ڏئي رهي آهي، ناروي جون وڏيون ڪمپنيون، اسان جي ڪاروبار دوست پاليسين مان فائدو کڻندي پاڪستان ?? سيڙپڪاري ڪري بهترين منافعو ڪمائي سگهن ٿيون. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ نارو?? جي وچ ۾ ايندڙ سياسي مش??ورتي اجلاس جي جلد انعقاد تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ”نارو?? جي پارليامينٽ ۾ پاڪ – ناروي فرينڊشپ گروپ جو قيام، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني رابطن جي فروغ لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو. پرڏيهي وزير نارويجين هم منصب کي افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال ۽ قيام امن لاءِ آئنده جي لائحه عمل جي حوالي سان پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو.