اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته 27.32 ارب جي لاڳت سان 69 ڪلوميٽر موٽروي جي مڪمل ٿيڻ سان لاهور کان کاريان سفر ۾ هڪ ڪلاڪ جي گهٽتائي ايندي، 5 انٽرچينج، 5 فلائي اوورز، 21 ڪلوميٽر سروس روڊ ۽ ڪيترائي هزار نوڪريون پيدا ٿينديون، مواصلات واري وزير مراد سعيد پنهنجي وزارت جي ??هت??ين 3 سالا ڪارڪردگي جو (ن) ليگ جي حڪومت سان تقابلي جائزو پيش ڪيو آهي، مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي دور جي پهرين ٽ?? سالن (16 – 2013ع) دوران 645 ڪلوميٽر رستا تعمير ٿيا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پي ٽي آءِ جي ٽي سالا دور (2018 – 2021ع) ۾ 1753 ڪلوميٽر رستا تعمير ٿيا، پي ٽي آءِ جي ٽ?? سالن ۾ 161.264 ارب جو روينيو حاصل ڪيو ويو. ان جي مقابلي ۾ (ن) ليگ ٽ?? سالن ۾ 73.54 جو روينيو گڏ ڪري سگهي. پي ٽي آءِ انهن ٽ?? سالن ۾ 119.27 سيڪڙو اضافي روينيو گڏ ڪيو جيڪو ه?? رڪارڊ آهي. مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي دور جي پهرين ٽ?? سالن ۾ 858 ڪلوميٽر جي روڊ جا منصوبا ٺهيا. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي پهرين ٽ?? سالن ۾ 6118 ڪلوميٽر جا منصوبا ٺهيا (12 منصوبن تي ڪم شروع آهي جڏهن ته 19 منصوبن تي هلندڙ مالي سال ۾ ڪم شروع ٿي ويندو). ٽ?? سالن ۾ 5 ارب رپين کان وڌيڪ لاڳت جي زمين تان قبضا ڇڏرايا ويا، (ن) ليگ جي دور ۾ ان تي ڪم نه ڪيو وي??. ا??تساب ۽ آڊٽ ريڪوري ۾ ٽ?? سالن دوران 16 ارب رپين کان وڌيڪ وصول ڪيا ويا، (ن) ليگ دور ۾ ان تي ڪم نه ڪيو ويو.