اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته فوجداري انصاف جو نظام بنيادي اهميت رکندڙ آهي ۽ گورننس لاءِ ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، گذريل حڪومتن نظا?? کي خراب ڪري لاقانونيت مان فائدو کنيو، موجوده حڪومت ان نظا?? کي ترجيحي بنيادن تي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ گهربل و??يلا فراهم ڪندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار فوجداري انصاف جي نظام ۾ سڌارن ۽ صوبن ۽ اسلام آباد ۾ ضابطه ديواني تي عملدرآمد جي اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدار?? ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ قانون وارو وفاقي وزير فروغ نسيم، اٽارني جنرل خالد جاويد خان، پنجاب جو قانون وارو وزير راجا بشارت، خيبرپختونخوا جو قانون وارو وزير سلطان محمود خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ وزيراعظ?? کي ٻڌايو ويو ته سڌارن واري عمل جي جامع حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ 13 شعبن جي نشاندهي ڪري ڌار ڌار ٽاسڪ فورسز ٺاهيون ويون هيون ج??هن جون سفارشون عملي شڪل اختيار ڪرڻ لاءِ تيار آهن، ا??هن 13 شعبن ۾ ڪيسن جي داخلا، گرفتاري ۽ ايف آءِ آر جو نظام، پوليس اسٽيشنز کي جديد رخن تي هموار ڪرڻ ۽ ا??هن جي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ، فنڊن جي پوليس اسٽيشنز کي سڌو سنئون منتقلي ۽ اسٽيشن انچارج کي پرنسپل اڪائونٽنگ آفيسر جو درجو ڏيڻ، جاچ نظا?? کي مضبوط ڪرڻ، چالان جي نظام ۾ بهتري آڻڻ، آزاد پراسيڪيوشن جي قيام، پراسيڪيوشن کي ڪيسن جي نوعيت جي لحاظ کان ڪيسز جي جاچ سان ڪورٽن تي دٻاءُ گهٽ ڪرڻ، ٽرائل جي طريقيڪار کي آسان ۽ تيز ڪرڻ، ڪورٽس جي رڪارڊ کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ، پروبيشن ۽ پيرول جي نظا?? کي مضبوط ڪرڻ شام?? آهن.