اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي واري صلاحڪار مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پا??ست??ن مسلم ليگ (ن) جي حڪومت پئسن جو زيان بلڪل به ناهي ڪيو پر ملڪي تعمير ۽ ترقي تي خرچ ڪيو، اڄ ملڪ ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ٿي چ??و آهي، 2013ع ۾ جڏهن محمد نواز شريف وزيراعظم بڻيو ته ملڪي مارڪيٽ 19 هزار تي هئي جنهن کي اسان وڌائي 54 هزار تائين آن??و ڇو ته اسان هن ملڪ ۾ تمام گهڻا وسيلا پيدا ??يا، سي پيڪ جيڪو هڪ گيم چينجر منصوبو آهي ان کي به پا??ست??ن مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ئي شروع ڪيو جڏهن ته ملڪ ۾ جاري توانائي جي بحران جو خاتمو به اسان ئي ڪيو آهي ۽ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي شروع ڪيل توانائي جي منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان ملڪ ۾ بجلي بحران ختم ٿيڻ وڃي رهيو آهي ۽ ملڪ ۾ بجلي وڏي مقدار ۾ موجود آهي جڏهن ته گئس جي مسئلي تي پڻ ڪافي حد تائين ضابطو آن??و ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي وي جي هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو.