اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي ??ي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيني مجسمي سا?? ماسٽر يوآن جي پاڪستان جي دوري جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جو رشتو ايترو ئي مضبوط آهي جيترو اسان جون مضبوط گڏيل سرحدون ۽ گڏيل جبل آهن. اها ڳالهه هن قائداعظم مح??د علي جناح ۽ مائوزي تنگ جي مجسمن جي نقاب ڪشائي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي وزيراعظم مح??د شهباز شريف، پاڪستان ۾ چين جو سفير جيانگ زي ڊونگ، چين جو عظيم مجسمه سا?? ماسٽر يوآن سميت ٻيا پڻ موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گذريل سالن دوران پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مضبوطي ثقافتي رشتي کي وڌيڪ سگهه ملي آهي، اسان جون نه رڳو سرحدون گڏيل آهن پر اسان جا جبل به شريڪ آهن. هن چيو ته چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جبلن ۾ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ ثقافتي روايتون لڪل آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيني مجسمي سا?? ماسٽر يوآن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ماسٽر يوآن جي عظيم ڪارنامن ۽ بيجنگ ۾ سندس شاندار عجائب گهر جي ڪاميابي سان سندس مهارت جو اندازو ٿئي ٿو، هن چيني ثقافت کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته اسان کي فخر آهي ته ماسٽر يوآن قائداعظم مح??د علي جناح جي ولادت جي ڏهاڙي جي موقعي تي هت?? آيو، اڄ چيئرمين مائوزي تنگ جي پڻ سالگرهه آهي، اسان ماسٽر يوآن کي سندس ٻئي گهر اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا ۽ سندس ٿورائتا آهيون ته هن چين ۽ پاڪستان جي دوستي کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ مجسما تي??ر ڪيا. هن چيو ته مون کي اميد آهي ته توهان جي ڏهاڪن کان جاري ڪم جي ذريعي پاڪ چين دوستي وڌيڪ مضبوط ٿيندي.