اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) انفارميشن ??يڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته نوجو??نن کي آءِ ٽي سميت مختلف شعبن ۾ موقعا فراهم ڪري رهيا آهيون، ملڪ ۾ ڊجيٽلائزيشن سان حڪمن ۾ غير ضروري دير جو شڪار (ڳاڙهي ربن) ۽ ڪارڪردگي ۾ نمايان واڌ ٿيندي. اهڙو اظهار هن ڪي پي ڪي جي نوجو??نن کي يو اين ڊي پي ڊجيٽل اسڪلز گريجوئيشن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. مملڪتي وزير چيو ته اسان جا نوجوان ملڪي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. آءِ ٽي ذريعي نوجو??نن کي مختلف ڪورسز ڪرايا پيا وڃن، شاگردن ۽ شاگردياڻين کي آءِ ٽي بابت مختلف پروگرامن ۾ ٽريننگ ڏني پئي وڃي، شاگرد پوري محنت ۽ لڳن سان تعليم حاصل ڪري معاشري جا فائديمند شهري بڻجن. هن چيو ته آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهيا آهيون، حڪومت ڊجيٽلائزيشن ??اءِ پُرعزم آهي، ان سان صارفين کي سموريون سهولتون آن لائن دستياب ٿينديون. هن چيو ته ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ ۽ مصنوعي ذهانت سميت سمورا آءِ ٽي ڪورس?? ڊجيٽلائزيشن ??اءِ اهم آهن. هن چيو ته ”ون پيشنٽ ون آ??ِ ڊي“ قدمن تحت مريضن جي ??يٽ?? آن لائن دستياب هوندي، ان سان شناختي ڪارڊ ذريعي مريض جو سڄي ??يٽ?? آڏو اچي ويندو، اهڙيءَ طرح جي قدمن سان صحت ۽ تعليم جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ڪوشش آهي ته اهڙن قدمن لاءِ نجي شعبو اڳيان اچي.