اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستا?? بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي چوٿو?? بلائنڊ ٽي 20 ورلڊ ڪپ کٽڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته معذور ماڻهو به راندين جي شعبي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ٽي 20 بلائنڊ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ فائنل ۾ بنگلاديش کي 10 وڪيٽن تان هارائڻ تي ٽيم کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستا?? بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم فائنل ۾ شاندار راند جو مظاهرو ڪيو آهي. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي بلائنڊ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کٽڻ تي پاڪستا?? بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ٿو. صدر آصف علي زرداري چيو ته خصوصي رانديگر?? بلائنڊ ٽي 20 ورلڊ ڪپ کٽي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي. صدر چيو ته راندين سميت زندگي جي سمورن شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي شموليت وڌائڻي پوندي?? خصوصي ماڻهن کي اڳتي وڌڻ ۽ ت??قي ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر پاڪستا?? بلائنڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل کي ڪامياب ٽورنامينٽ منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي پاڪستا?? بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.