اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) بيلاروس جو صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو ٽن ڏي??هن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو. وزيراعظم ??حمد شهباز شريف پي اي ايف نور خان ايئربيس تي بيلاروس جي صدر جو استقبال ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ سينيئر سرڪاري عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم ??حمد شهباز شريف بيلاروس جي صدر جو ڪابينا ميمبرن س??ن تعارف ڪرايو جڏهن ته روايتي لباس پهريل ٻارن کيس گلدستو پيش ڪيو. بيلاروس جو صدر وزيراعظم ??حمد شهباز شريف جي دعوت تي 25 کان 27 نومبر 2024ع تائين پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. بيلاروس جي صدر جي پاڪستان جي دوري دوران صدر لوڪاشينڪو ۽ وزيراعظم ??حمد شهباز شريف جي ??چ ۾ ملاقات ٿيندي ۽ ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ وفدن جي سطح تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ان دوران بيلاروس ۽ پاڪستان جي ??چ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿينديون. بيلاروس جي پرڏيهي وزير جي قيادت ۾ 68 رڪني اعليٰ سطحي وفد گذريل ڏي??هن پهتو هو. وفد ۾ بيلاروس جي ڪابينا جي اهم وزيرن سميت ناليواريون ڪاروباري شخصيتون ۽ سيڙپڪار شامل آهن. بيلاروس جي صدر جو پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ مضبوط ۽ وڌندڙ حصيداري جي عڪاسي ڪري ٿو.