رياض – 11 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ??عو??ي عرب جي وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل ڀائراڻا لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، ??عو??ي عرب هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، پاڪستان جي هنرمند افرادي قوت جي لاءِ ??عو??ي عرب ۾ روزگار جي موقعن جي حوالي سان جلد وڏي اڳڀرائي متوقع آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ??عو??ي عرب جي سي??پڪ??ري واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح ۽ ايڊوائيزر رائل ڪورٽ محمد التويجري عرب – اسلامڪ سمٽ جي موقعي تي ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تازي اقتصادي تعاون جي حوالي سان اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ??عو??ي عرب جي وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، ??عو??ي عرب هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. وزيراعظم خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ??عو??ي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو فورم جي موقعي تي ??عو??ي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات انتهائي لاڀائتي رهي. وزيراعظم چيو ته سعدوي سي??پڪ??ري واري وزير ??و تازو پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سي??پڪ??ري ۽ معاشي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان هڪ اهم سنگ ميل هو. وزيراعظم ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته ??عو??ي سي??پڪ??ري واري وزير جي پاڪستان جي دوري ۾ تعاون جي 2.8 ارب ڊالر جي جن مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿيون انهن مان 8 تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي. وزيراعظم عرب – اسلامڪ ملڪن جي غيرمعمولي سربراهي اجلاس جي انعقاد تي سعدو?? قيادت کي خراج تحسين پيش ڪندي شاندار ميزباني تي ??عو??ي حڪومت جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ پاڪستان مان وڏي انگ ۾ هنرمند افرادي قوت جي لاءِ ??عو??ي عرب ۾ روزگار جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي وزيراعظم چيو ته ان حوالي سان جلد هڪ وڏي اڳڀرائي متوقع آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ وسيع تر تعاون عملي شڪل اختيار ڪري رهيو آهي جيڪو انتهائي خوش آئنده آهي. هن چيو ته آڪٽوبر ۾ پاڪ – ??عو??ي بزنس فورم ۾ پاڪستاني ۽ ??عو??ي ڪاروباري ادارن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه نئين سي??پڪ??ري جي راهه هموار ڪئي آهي ۽ پاڪستان سان اقتصادي تعاون کي گهرو ڪيو آهي، خصوصي سي??پڪ??ري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ذريعي ٿيندڙ اڳڀرائي پاڪستان ۾ غيرملڪي سي??پڪ??ري کي تيز ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. وزيراعظم ??عو???? قيادت جي ويزن 2030ع کي ساراهيندي پاڪستان پاران ان جي ڀرپور حمايت جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته ??عو??ي عرب ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻنهي ملڪن جي اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا.