اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ اقتصادي تعاون ۽ بزنس ٽو بزنس لاڳاپن کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو آهي ته جيئن ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي ??ي يقيني بڻائي سگهج??. ه?? اقتصادي تعاون کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ٻنهي ڀائر ملڪن جي اسٽاڪ ايڪسچينجز جي وچ ۾ وڌ کان وڌ رابطن تي پڻ زور ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيال?? جو اظهار هن ترڪمانستان جي ڪابينا جي ڊپٽي چيئرمين ??اش?? مريدوف سان ايوان صدر ۾ ڳالهائيندي ??يو جنهن پاڪستان ۾ ترڪمانستان جي سفير عطا جان مولويوف سان گڏ صدر سان ملاقات ڪئي. صدر وفد جي آجيان ڪندي ??يو ته پاڪستان ترڪمانستان سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪي گڏيل قدرن، مذهب ۽ ثقافت تي ٻڌل آهن. هن خطي ۾ گڏيل خوشحالي ۽ استحڪام ۽ پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي عوام جي بهتري جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر تاپي گئس پائيپ لائين منصوبي جي جلد تڪميل جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي ??يو ته ان منصوبي سان ٻنهي ملڪن جي اقتصادي ترقي ۾ تمام گهڻي مدد ملندي. ??اش?? مريدوف اشڪ آباد ۾ مگتي مولي فارگي جي 300هين پيدائش جي ڏهاڙي جي تقريبن ۾ عالمي فورم ۾ شرڪت تي صدر جا ٿورا مڃيندي ??يو ته اهو ترڪمان عوام جي احترام جو هڪ عظيم مثال آه??. ه?? ترڪامنستان جي صدر سردار بردي محدوف ۽ ترڪمانستان جي عوام جي قومي اڳواڻ ۽ ترڪمانستان جي پيپلز ڪائونسل جي چيئرمين قربان بردي محدوف پاران صدر آصف علي زرداري کي خصوصي مبارڪباد پڻ ??يش ڪئي. صدر اسلام آباد ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي 23هين اجلاس ۾ شرڪت تي ڪابينا جي ڊپٽي چيئرمين ??اش?? مريدوف جا ٿورا مڃيا. صدر ترڪمانستان جي حڪومت پاران اشڪ آباد جي دوري دوران سندس شاندار مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا.