اسلام آباد – 01 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بزرگ شهرين کي پنهنجو ??جربو ۽ دانشمندي نوجوان نسل کي منتقل ڪرڻ ۽ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪندي ??يو آهي ته بزرگ ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اسان بزرگ ماڻهن جي لاءِ نگهداشت ۽ سارسنڀال جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. صدر اهڙن خيالن جو ??ظهار بزرگ ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته بزرگ شهري نه رڳو اسان جي معاشري جو ??نياد آهن پر اهي علم، حڪمت ۽ تجربي جو ??زانو به آهن، اسان جو مذهب اسان کي پنهنجي والدين ۽ بزرگن سان محبت ۽ شفقت سان پ??ش اچڻ جو ??رس ڏي ٿو. صدر چيو ته اسان جا والدين ۽ بزرگ ٻارن جي پرورش ۾ وقت، محبت، توانائي ۽ وسيلن جي صورت ۾ بي پناهه قربانيون ڏين ٿا، اها اسان جي اخلاقي ۽ مذهبي ذميواري آهي ته اسان انهن سان عزت ۽ وقار سان پ??ش اچون ۽ پوڙهائپ ۾ انهن جو ??يال رکو??. ص??ر چيو ته اسلامي جمهوريه پ??ڪستان جو ??ئين رياست تي اها ذميواري لاڳو ڪري ٿو ته اها انهن سمورن شهرين جي لاءِ زندگي جون ضرورتون فراهم ڪري جيڪي ڪمزوري، بيماري يا بيروزگاري جي ڪري مستقل يا عارضي طور تي پنهنجي روزي ڪمائڻ کان قاصر آهن. هن چيو ته پ??ڪستان بزرگ شهرين جي ڀلائي جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، جيئن جيئن ماڻهن جي عمر وڌي ٿي اهي ٻين تي دارومدار ڪرڻ لڳن ٿا ۽ انهن کي خصوصي سارسنڀال جي وڌيڪ ضرورت هوندي آهي، ان لاءِ اسان جي بزرگن کي سستي طبي سهولتن تائين پهچ ڏيڻ لازمي آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سان گڏوگڏ سول سوسائٽي کان مطالبو ڪريان ٿو ته اهي بهتر صحت جي سهولتن کي ترجيح ڏين، سماجي تحفظ بهتر بڻائين، بزرگن جي حقن جو ??حفظ ڪن ۽ انهن کي هڪ دوستاڻو ۽ صحتمند ماحول فراهم ڪن. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن اچو پاڪستان کي وڌيڪ جامع ۽ بزرگ دوست ملڪ بڻائڻ جي ڪوشش ڪريون.