ڪوئيٽه-30 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽ??ءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پنهنجين سياسي غلطين کي درست ڪرڻ جو وقت اچي ??يو آهي. عدالتي سڌارن لاءِ اسٽيڪ هولڊرن جي تجويزن جي آجيان ڪريون ٿا. اهڙن خيالن جواظهار هن وزيراعليٰ هائوس ۾ پيپلز لائرز فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگرد??ءَ جي حوالي سان بلوچستان جي عوام ۽ وڪيلن وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته اسان اهڙي آئيني عدالت ٺاهڻ چاهيون ٿا جنهن ۾ سمورن صوبن جي نمائندگي هجي. هن چيو ته پ پ آئيني ترميمن لاءِ پنهنجون تجويزون ڏيندي. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته 18هين ترميمن ۾ ججن جي مقرري بابت جيڪي معاملا طئي ٿيا هئا انهن کي بحال ڪيو وڃي. هن چيو ته ججن جي مقرري جي نظام کي بدلائڻ جي ضرورت آهي، ماض??ءَ ۾ اسان کي چيو ??يو ته ججن جي مقرر??ءَ بابت تجويزون واپس وٺو، ٻي صورت ۾ پورو آئيني ترميم جو عمل واپس ٿي سگهي ٿو جنهن لاءِ اسان 30 سال جدوجهد ڪئي هئي، اُن وقت ججن پنهنجي رولز ذريعي پارلياماني ڪميٽي جو اختيار ختم ڪري ڇڏيو هو. هن چيو ته آئيني عدالت وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته پ پ جي تجويز آهي ته صوبن جي سطح تي پڻ آئيني عدالتون قائم ڪيون وڃن، جيڪڏهن ڌار آئيني عدالت قائم هجي، اتي سمورن صوبن جي نمائندگي هجي ۽ عوام کي جلد انصاف جي فراهمي ??قي??ي بڻائي. عدالتي سڌارن لاءِ اسٽيڪ هولڊرن جي تجويزن جي آجيان ڪريون ٿا. هن زور ڀريو ته پارٽي جا تجربيڪار وڪيل پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ پارٽي منشور ۽ ڪارڪردگي لاءِ ڪردار ادا ڪندي ڪوآرڊينيشن ڪميٽيون ٺاهين، پ پ هميشه جمهوريت لاءِ قربانيون ڏنيون، پنهنجي منشور ??وج?? عوام جي خدمت ڪنداسين. هن چيو ته اسان پنهنجي منشور مطابق سياسي ڪيس اڳيان وڌائينداسين.