اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا بجلي جي ??عبن ۾ سڌارن جي لاءِ قائم ڪيل ٽاسڪ فورس جي ??فارش تي 5 آءِ پي پيز کان بجلي خريد ڪرڻ جي معاهدن کي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ??دارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. وفاقي ڪابينا بجلي جي ??عبي جي ??ڌارن جي لاءِ قائم ڪيل ٽاسڪ فورس جي ??فارش تي 5 آءِ پي پيز کان بجلي خريد ڪرڻ جي معاهدن کي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. انهن معاهدن کي ختم ڪرڻ سان بجلي صارفين کي 60 ارب رپيا ساليانو فائدو ٿيندو ۽ بجلي جي في يونٽ اگهه ۾ خاطرخواهه گهٽتائي ٿيندي. مجموعي طور تي ملڪي خزاني کي 411 ارب رپين جي ??چت ۽ انهن آءِ پي پيز کي واجب الادا رقم تي ڪنهن به قسم جو وياج نه ڏنو ويندو. بجلي جي ??عبي جي ??ڌارن جي لاءِ قائم ڪيل ٽاسڪ فورس ۽ انهن آءِ پي پيز جي مالڪن جي وچ ۾ اتفاق ۽ انهن معاهدن جي پڄاڻي جي ??مل جا تفصيل ڪابينا آڏو پيش ڪيا ويا. بجلي خريد ڪرڻ جي معاهدن جي پڄاڻي جي فهرست ۾ حبڪو، صبا پاور، روش پاور، لال پير ۽ اٽلس پاور شامل آهن. انهن آءِ پي پيز مان روش پاور بلڊ اون اپريٽ اينڊ ٽرانسفر معاهدي تحت قائم ڪيو ويو هو، معاهدي موجب ان جي ملڪيت حڪومت کي منتقل ڪرڻ کانپوءِ ان جي پرائيويٽائيزيشن ڪميشن جي ??ريعي نجڪاري ڪئي ويندي. باقي 4 آءِ پي پيز جي ملڪيت انهن جي مالڪن وٽ رهندي جڏهن ته حڪومتي معاهدي کي ختم ڪرڻ کانپوءِ حڪومت پاران ڪنهن به قسم جي ??دائيگي نه ڪئي ويندي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان ملڪي معيشت استحڪام طرف تيزي سان گامزن آهي. پارٽي جي منشور ۾ عوامي ريليف جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪرڻ جي واعدي کي وفا ڪري ڇڏيو. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ 5 آءِ پي پيز سان بجلي خريد ڪرڻ جو معاهدو ختم ڪري رهيا آهيون، بجلي صارفين کي ساليانو 60 ارب ۽ مجموعي طور تي ملڪي خزاني کي 411 ارب رپين جي ??چت ٿيندي. بجلي جي ??عبي ۾ ٻين آءِ پي پيز سان معاهدن تي ترتيبوار نظرثاني ڪري ٽيرف ۾ گهٽتائي آندي ويندي. قائد مسلم ليگ (ن) ميان نواز شريف سدائين چيو، بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻي عوام کي ريليف ڏنو وڃي. وزيراعظم چيو ته پنهنجي قائد ميان نواز شريف جي قيادت ۾ عوامي ريليف ڏيڻ لاءِ ڏينهن رات محنت کي پنهنجو شعار بڻايو. عوام ان عرصي ۾ وڏي قرباني ڏني. وقت اچي ويو آهي ته عوام جي مشڪلاتن جو ازالو ڪيو وڃي. مهانگائي جي ??رح 30 سيڪڙو کان وڌيڪ هئي، 6.9 سيڪڙو تي اچڻ سان عوام کي ريليف مليو. الله جي وڏي فضل ۽ ڪرم ۽ معاشي ٽيم جي ڏينهن رات محنت سان مهانگائي جي ??رح ۾ گهٽتائي جو 2025ع جو 7 سيڪڙو جو هدف 2024ع ۾ ئي حاصل ڪيو ويو. 5 آءِ پي پيز مالڪن ملڪي مفاد کي ذاتي مفاد تي ترجيح ڏني ۽ رضاڪاراڻي طور تي انهن معاهدن کي حڪومت سان ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. انهن 5 آءِ پي پيز برسات جي پهرين ڦڙي وانگر عوامي ريليف جي ??روعات ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. مون سميت پوري ڪابينا انهن آءِ پي پيز مالڪن جي ٿورائتي آهي. هن چيو ته بجلي شعبي جي ??ڌارن جي لاءِ قائم ڪيل ٽاسڪ فورس ۽ وفاقي ڪابينا جا ميمبر ان ڪوشش جي لاءِ ساراهه لائق آهن. تازين گرمين ۾ وفاق ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ بجلي جي ??لن ۾ ريليف ڏنو. عوام سان ڪيل پنهنجي هر واعدي تي قائم آهيان. سمنڊ پار پاڪستانين پاران پرڏيهي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو. وزيراعظم چيو ته گذريل ٽه ماهي ۾ 8.8 ارب ڊالر جو رڪارڊ پرڏيهي ناڻو سمنڊ پار پاڪستانين جي ??ڪومتي پاليسين تي اعتماد جي ??ڪاسي ڪري ٿو. پنهنجي محنت جي ڪمائي پاڪستان موڪليندڙ اسان جي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ عظيم پاڪستانين جا ٿورائتا آهيون.