اسلام آباد – 03 آڪٽوبر (اي پي پي) منصوبا بندي ۽ ترقي بابت وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته ??يٽا معلومات تي ٻڌل فيصلي سازي جو بنياد آهي، اهو تمام ضروري آهي ته ا??ان ان مان مڪمل فائدو کڻي پنهنجي ملڪ جي پوري صلاحيت کي استعمال ۾ آڻيون، ستين آد??شماري جي بنياد تي صوبائي سطح تي رپورٽون جاري ڪيون وينديون. انهن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ پي بي ايس ڊيٽافيسٽ 2024ع جي تيارين لاءِ جائزه ا??لاس کي خطاب ۾ ڪيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري پلاننگ اويس منظور، ڊاڪٽر نعيم ظف?? ۽ ميمبر محمد سرور گوندل سميت اهم آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس جو مق??د ڊيٽافيسٽ 2024ع ذريعي ڊيٽا جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۽ ان کي ترقي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ هو. ڊيٽافيسٽ 2024ع جو مق??د ڊيٽا خواندگي کي هٿي ڏيڻ ۽ ڊيٽا جي اسٽريٽجڪ استعمال ذريعي جدت، انضمام ۽ ترقي کي وڌائڻ آهي. وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ??يٽا ذريعي فيصلي سازي کي مضبوط بڻائڻ پاڪستان جي هر شعبي جي ترقي لاءِ اهم حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته ??يٽا معلومات تي ٻڌل فيصلي سازي جو بنياد آهي ۽ اهو تمام ضروري آهي ته ا??ان ان مان مڪمل طور تي فائدو کڻي پنهنجي ملڪ جي پوري صلاحيت کي استعمال ۾ آڻيون. وفاقي وزير چيو ته ستين آد??شماري 2023ع جيڪا پهرين آد??شماري هئي، جي بنياد تي صوبائي سطح تي رپورٽون جاري ڪيون وينديون ته جيئن مق??مي سطح تي مباحثي کي هٿي ملي ۽ پاليسي سازي جي عمل ۾ بهتري آڻي سگهجي. اهي رپورٽون صوبي جي سماجي ۽ اقتصادي حالت کي بهتر طور تي سمجهڻ ۽ موثر پاليسي منصوبابندي لاءِ اهم هونديون. هن ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته ان ايونٽ ۾ مصنوعي ذهانت (اي آءِ) جي ماهرن ۽ اسٽيڪ هولڊرز کي شامل ڪيو وڃي. هن چيو ته ??يٽا مصنوعي ذهانت جو بنياد آهي ۽ ان فيسٽول ذريعي اسان ڊيٽا ۽ ٽيڪنالاجي وچ ۾ خال کي ڀرڻ لاءِ ماهرن ۽ تعليمي شعبي سان سهڪار ڪنداسين ته جيئن قومي ترقي لاءِ جديد حل ڳولي سگهجي. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته ??يٽافيسٽ 2024 ۾ يونيورسٽي جي شاگردن کي شامل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ انهن لاءِ ڊيٽا جي مق??بلن جو اهتمام ڪيو وڃي ته جيئن اهي پي بي ايس جي ڊيٽا کي تخليقي طريقن سان استعمال ڪن. هن چيو ته اهي قدم نوجوانن کي مثبت سرگرمين ۾ شامل ڪرڻ ۽ انهن جي صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.