اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي واري وزارت اقتصادي ۽ مالياتي سڌارن لاءِ ناڻي واري وزير جو صلاحڪار مقرر ڪرڻ جو ??يص??و ڪيو آهي. ناڻي واري وزارت موجب صلاحڪار اقتصادي ۽ مالياتي سڌارن جي عهدي تي مقرر??ءَ ج?? خواهشمند اميدوارن کان 9 سيپٽمبر تائين درخواستون طلب ڪيون ويون آهن. اميدوارن کي عهدي لاءِ نيشنل جاپ پورٽل ذريعي آن لائن درخواست ڏيڻي پوندي. ڪامياب اميدوار کي اسپيشل پروفيشنل پي اسڪيل ون جي برابر پگهار ڏني وين??ي. ??ڪنامڪ اينڊ فنانشل ريفارمز يونٽ ۾ مقرري جي مدت 2 سال مقرر ڪئي وئي آهي. صلاحڪار لاءِ گهٽ ۾ گهٽ تعليمي قابليت فنانس، اڪنامڪس يا لاڳاپيل فيلڊ ۾ ماسٽر ڊگري مقرر ڪئي وئي آهي. شارٽ لسٽڊ اميدوارن کي طئي ٿيل قاعدن موجب انٽرويو لاءِ گُهرايو ويندو. ٻن سالن جي ڪانٽريڪٽ ملازمت ڪندڙ صلاحڪار کي ڪارڪردگ??ءَ جي بنياد تي واڌ ملي سگهي ٿي.