اسلام آباد-19 آگسٽ (اي پي پي)قانون ۽ انصاف بابت وزيراعظم جي صلاحڪار بئريسٽر عقيل ملڪ چيو آهي ته نيازي فيض ڳٺ جوڙ گينگ جو مقصد پ??ڪس??ان ۾ 10 سالن جي پلان تي عم??در??مد ڪرڻ هو، جيڪڏهن ان جو منصوبو ڪامياب ٿي وڃي ها ته پارليامينٽ مستقل طور تي ختم، اي وي ايم ذريعي دوکي تي ٻڌل چونڊون ۽ صدارتي نظام لاڳو ٿي چڪو هجي ها، ملڪ کي عالمي سطح تي بدنام ڪ??ڻ، ادارن خلاف منظم سازش ڪندڙن سان ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه نٿي ٿي سگهي، 9 مئي جي سمورن ڪردارن لاءِ قانون پاڻ پنهنجو رستو ٺاهي رهيو آهي. هو پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته منظم طريقي سان مهم هلائي ملڪ کي ناقابل تلا??ي نقصان پهچايو ويو. سياست جو ويس پائي اها پارٽي روزاني ملڪي مفادن خلاف بيٺل نظر ايندي آهي، آءِ ايم ايف کي قرض نه ڏيڻ لاءِ خط لکڻ، ايوان نمائندگان، برطانوي هائوس آف لارڊ ۽ هائوس آف ڪا??ن ۾ ان جا ماڻهو ويا ۽ پ??ڪس??ان کي نقصان پهچائڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي وئي. جڏهن کان پي ٽي آءِ جو باني وزيراعظم نه رهيو ان کانپوءِ هڪ ڏينهن به اهڙو نه گذريو جنهن ۾ پ??ڪس??ان کي نقصان نه پهچايو ويو هجي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جو رئوف حسن گرفتار ٿيو ته ان جي موبائيل مان اهم رابطا ظاهر ٿي چڪا آهن، ڪرن ٿاپر سان رابطو ڇو ڪيو هو؟ چيو ويو ته رئوف حسن صحافي آهي ان جا صحافين سان رابطا آهن، اهوبلڪل صحيح ناهي هو ڪنهن به طرح صحا??ي ناهي. هن چيو ته پاڪ فوج جي سربراهه خلاف جهڙي طرح زهريلي مهم ملڪ دشمن صحافين سان شيئر ڪئي اهو سلسلو نومبر 2022ع کان شروع ٿئي ٿو ۽ منظم طريقي سان مهم هلائي وئي. هن چيو ته پ??ڪس??ان هڪ خودمختيار ملڪ آهي جنهن جي حفاظت پاڪ فوج ڪري رهي آهي. سپهه سالار تي اهو شخص بنا ثبوت جي پنهنجي راءِ ذريعي زهر اوڳاڇي ٿو. هن چيو ته سائفر کان شروع ٿيل معاملو پرڏيهي پاليسي تائين وٺي ويو، اڃان به ان جي ڪوشش آهي ته پ??ڪس??ان کي سفارتي طرح اڪيلو ڪيو وڃي ان جو هڪ ئي مقصد آهي ته ڪهڙي طرح اقتدار ۾ واپس اچي. هن چيو ته پهرين نيب نيازي ۽ هاڻي نيازي حميد ڳٺ جوڙ سامهون آيو آهي. هن چيو ته فارن فنڊنگ ۾ جيڪي ماڻهو ملوث آهن انهن خلاف ڪارروائي ٿيندي. پ??ڪس??ان، پاڪ فوج، قوم، عوام، سياستدان برداشت نه ڪندا، هاڻي ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي، پهرين پنهنجو رويو درست ڪن، سياسي گنجائش گهرن ٿا ته پنهنجي روين کي به ٺيڪ ڪن. هن چيو ته 9 مئي تي فالس فليگ آپريشن چوندڙ اهو ٻڌائين ته ڪارڪنن کي ڀڙڪائڻ، ڪارڪنن جي ذهن سازي ڪري فوج مخالف بڻائڻ، پهرين گرفتاري ۽ پوءِ قوم کي بغاوت تي ڇو ڀڙڪايو ويو، 9 مئي جهڙو افسوسناڪ واقعو ٿيو ان ۾ شامل ڪردارن کي قانوني ڪارروائي مان گذرڻو پوندو. هن چيو ته پ??ڪس??ان کي ٻيهر معاشي، دفاعي، پرڏيهي پاليسي، سفارتي محاذ تي ڪامياب بڻائڻ لاءِ حڪومت پنهنجون ڪوششون جاري رکندي. هن چيو ته اسان تي اڱريون کڻڻ کان پهرين اڄ جيڪي تنقيد ڪري رهيا آهن اهي پنهنجي حڪومتي دور ۾ عوام کي ڏنل رليف ته ٻڌائين.اي پي پي/ر – م/ز – ج 21:22