اسلام آباد -10 آگسٽ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي ز??داري پاڪستاني ايٿليٽ ارش?? نديم کي اولمپڪس ۾ رڪارڊ ڪارڪردگي تي هلال امتياز عطا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان م??جب صدر مملڪت آصف علي ز??داري، ارش?? نديم کي راند جي ميدان ۾ نمايان خدمتن جي اعتراف ۾ خاص تقريب ۾ سول ايوارڊ عطا ڪندو. صدر مملڪت جي هدايت تي ايوان صدر ارش?? نديم کي سول ايوارڊ عطا ڪرڻ لاءِ ڪابينه ڊويزن کي خط لکي ڇڏيو آهي. صدر مملڪت آصف علي ز??داري چيو ته ارش?? نديم بهترين ڪارڪردگي سان راند جي ميدان ۾ قوم جو سر فخر کان بلند ڪيو. ايوان صدر طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته ارش?? نديم جي عالمي سطح تي شاندار ڪاميابي قوم لاءِ فخر جو سبب بڻي آهي. ارش?? نديم ايٿليٽڪس جي ميدان ۾ نالو روشن ڪيو. صدر مملڪت ارش?? نديم کي سول ايوارڊ آئين جي آرٽيڪل 259 (2) تحت عطا ڪندو. آئين تحت صدر مملڪت مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ جي اعتراف ۾ پاڪستان جي شهرين کي اعزاز عطا ڪري سگهي ٿو.