ڪراچي – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته دنيا هن وقت مفادن تي ٻڌل تعاون بدران اخلاقيات تي ٻڌل عالمي نظام جي ڳولا ۾ آهي، سرحدون هاڻي غيرلاڳاپيل ٿي چڪيون آهن ڇو ته چئلينجز سرحدن جي پار ٿيڻ وارا آهن ان لاءِ ان موجب طريقيڪار پڻ اختيار ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خاص مهمان جي حيثيت سان هتي گورنر هائوس ۾ وفاقي اردو يو??يورسٽي آف آرٽس، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي شعبي عالمي لاڳاپن جي اهتمام هيٺ پهرين پاڪستاني پولش عالمي سائنسي ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊڪٽر عارف علوي گلوبل وارمنگ جي اثرن تي ڳالهائيندي چيو ته موسمياتي تبديلي جا اثر پڻ سرحد پار آهن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته موجوده دور ۾ تعاون جو دارومدار ويزا جهڙ?? سفري دستاويزن تي نه آهي ڇو ته اڄڪلهه ماڻهو هڪ ملڪ ۾ رهن ٿا جڏهن ته ٻئي ملڪ ۾ ڪم ڪن ٿا. هن تقريب منعقد ڪرڻ تي اردو يو??يورسٽي کي ساراهيندي چيو ته ڪانفرنس جو موضوع ”پاڪستان – پولينڊ لاڳاپا، بدلجندڙ عالمي نظام ۾ چئلينجز ۽ موقعا“ پڻ تمام اهم آهي. انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي ترقي بابت ڳالهائيندي هن چيو ته آءِ ٽي سيڪٽر ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ڪا به ننڍي ڪمپني به وڏو اثر وجهي سگهي ٿي. ان کان اڳ پنهنجي آجياڻي واري خطاب ۾ پاڪستاني پولش عالمي سائنسي ڪانفرنس جا تفصيل ٻڌائيندي عالمي لاڳاپن واري شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر اصغر علي دشتي چيو ته هي ڪانفرنس 6، 7 ڊسمبر تي آءِ بي اي سٽي ڪئمپس ڪراچي ۾ منعقد ٿي. هن چيو ته هن ڪانفرنس جو اهتمام اردو يو??يورسٽي جي عالمي لاڳاپن ۽ انسٽيٽيوٽ آف پوليٽيڪل سائنسي يو??يورسٽي آف مازوري ۽ وارميا پولينڊ گڏيل طور تي ڪيو آهي. هن چيو ته ڪانفرنس جو مقصد تعليمي ماهرن، پيشيور ماڻهن ۽ شاگردن کي ٻنهي رياستن جي وچ ۾ اڀرندڙ شعبن تي هڪ جهڙن خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته هي پهرين ڪانفرنس آهي جيڪا پولش يو??يورسٽي سان گڏ گذريل سال وفاقي اردو يو??يورسٽي ۽ يو??يورسٽي آف وارميا ۽ مازوري پولينڊ جي وچ ۾ طئي ٿيل مفاهمت جي ياداشت تحت منعقد ڪئي پئي وڃي. پنهنجي خطاب ۾ انسٽيٽيوٽ آف پوليٽيڪل سائنس، فيڪلٽي آف سوشل سائنسز، يو??يورسٽي آف وارميا ۽ مازوري جي ڊائريڪٽر پروفيسر آرڪاڊيوس زوڪوسڪي چيو ته اسان جو عملو عالمي سطح تي تحقيقي ڪم ۾ مصروف آهي ۽ اسان مختلف شعبن ۾ تعاون ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته اردو يو??يورسٽي ۽ يو??يورسٽي آف وارميا اينڊ مازوري – پولينڊ گذريل سال گڏيل لاڳاپن جي معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون. پروفيسر آرڪاڊيوس زوڪوسڪي چيو ته هو ڪانفرنس جي موضوع کان تمام گهڻو متاثر آهي ۽ تمام گهڻو پراميد آهي ته هي تقريب تمام گهڻي ڪامياب ٿيندي. اهڙي قسم جي ڪانفرنس سائنس?? سفارتڪاري سان ملي جلي ٿي. اردو يو??يورسٽي جي وقتي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد ضياءَ الدين پهرين پاڪستاني – پولينڊ عالمي سائنسي ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته اردو يو??يورسٽي جي عالمي لاڳاپن واري شعبي جي فيڪلٽي ميمبرن هن ڪانفرنس کي ممڪن بڻائڻ جي لاءِ اڻٿڪ ڪوششون ڪيون. پولينڊ جي مارڪيٽن کي مستحڪم قرار ڏيندي پروفيسر ڊاڪٽر محمد ضياءَ الدين پاڪستاني واپاري برادري پاران پولينڊ جي مارڪيٽ مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي ضرورت ي زور ڏ??و. ??ن چيو ته پولينڊ يورپ جو چوٿون وڏو ملڪ آهي جيڪو هڪ اهم جاگرافيائي جڳهه تي آهي ۽ ان کي يورپ جو گيٽ وي پڻ سمجهيو ويندو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ پولينڊ جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي ۽ ڪانفرنس ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي، سفارتي ۽ اقصادي لاڳاپن ۾ هڪ اڳڀرائي ثابت ٿيندي. انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن (آءِ بي اي ڪراچي) جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اڪبر زيدي چيو ته آءِ بي اي ڪراچي پڻ اردو يو??يورسٽي وانگر هڪ پبلڪ سيڪٽر يو??يورسٽي آهي ۽ اسان سدائين تعليم ۽ تحقيق جي فروغ جي لاءِ ٻين ادارن سان تعاون ڪريون ٿا. اڪبر زيدي چيو ته آءِ بي اي جيڪو ڪجهه حاصل ڪيو آهي اسان کي سمورين يو??يورسٽين سان شيئر ڪندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي. هن يو??يورسٽي آف وارميا اينڊ مازوري پولينڊ جي عهديدارن کي پڻ آءِ بي اي ڪراچي جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني.