ثمرقند – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايران جي صدر ابراهيم رئيسي ۾ ملاقات ٿي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اها ملاقات شن??هائي تعاون تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ثمرقند ۾ ٿي جيڪو خميس ۽ جمعي تي ٿي رهيو آهي. ان موقعي تي وزير بلاول ڀٽو زرداري، خواجه مح??د آصف، مفتاح اسماعيل ۽ ايراني عملدار پڻ مو??ود هئا.