اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي يونيورسٽي ۾ وين ڌماڪي ۾ چيني شهرين ??ي فوت ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پوري پاڪستاني قوم پنهنجي ”آئرن برادرز“ تي وحشياڻي حملي تي صدمي ۽ ڏک جي حالت ۾ آهي، پاڪستاني سرزمين ??ان هر قسم جي دهشتگردي ۽ دهشتگردن جي خاتمي جو پڪو پهه ڪري رکيو آهي، واقعي جي تيزي سان جاچ ڪنداسين ۽ ڏوهارين کي قانون موجب عبرت جو ??شا??و بڻائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ چين ??ي سفارتخاني جي دوري جي موقعي تي ڪيو.
وزيراعظم چين ??ي ناظم الامور پينگ چنگ زو (Ms Pang Chunxue) سان ملاقات ڪئي ۽ واقعي تي افسوس ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چين ??ي صدر شي جن پنگ لاءِ خصوصي تعزيتي پيغام به لکيو. وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي يونيورسٽي ۾ وين ڌماڪي ۾ چينين ??ي فوت ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اطهار ڪيو ۽ چي?? ته پورو پاڪستان چين ??ي حڪومت، عوام ۽ متاثر خاندانن سان دلي همدردي ۽ افسوس جو اظهار ڪري ٿو، دهشتگردي جي ان واقعي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا،
هن چي?? ته گهرو وزير راڻا ثناءُ الله کي سڀاڻي ڪراچي پهچڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، جوابدارن جي گرفتاري ۽ سزا ڏيارڻ تائين ??ک سان نه ويهنداسين، چين واسين ??ي زندگي وٺندڙن کي ڦاهي جي ڦندي تي لٽڪائينداسين، هن چي?? ته پاڪستان ۽ چين ??ي وچ ۾ آهني لاڳاپن تي حملو ناقابل برداشت آهي، ان عظيم ٻطرفي لاڳاپان کي متاثر ٿيڻ نه ڏينداسين.
وزيراعظم چي?? ته فوت ٿيندڙن جا مڙهه ۽ زخمين ??ي احترام سان گهرن ڏانهن واپسي لاءِ سمورا انتظام ڪنداسين، پاڪستان ۾ چيني شهرين ۽ ادارن جي سيڪيورٽي وڌائڻ ۽ فول پروف بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، وزيراعظم شهباز شريف تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات به لکيا جنهن ۾ هن چي?? ته جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏينداسين. وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير م??يم اورنگزيب، پرڏيهي مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله به هئا.