اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان هايئر ايجوڪيشن ڪميشن (??يڇ اي سي) جي چيئرمين طارق بنوري ملاقات ڪئي. ??يڇ اي سي جي چيئرمين طارق بنوري اطلاعات واري وزير کي ??يڇ اي سي جي ورڪنگ ۽ ڪارڪردگي بابت آگاهه ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته تعليم جي شعبي جي ترقي وزيراعظم عمران خان جي اولين ترجيح آهي، حڪومت ملڪ ۾ تعليم جي شعبي کي عال??ي معيار ??ي قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته تعليم ڪنهن به روشن ۽ مهذب معاشري جو بنياد آهي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 17:45