اسلام آباد – 16 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اق?? وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته هائوسنگ منصوبي سان معاشي سرگرمين کي فروغ ملندو، نوڪرين جا وسيع موقعا پيدا ٿيندا، غريب ۽ گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي ڇت ميسر ايندي، تعمي??ات?? شعبي ۾ 400 ارب روپين جا پروجيڪٽ شروع ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، سيڙپڪارن لاءِ 31 ڊسمبر تائين ان سهولت مان فائدو وٺڻ جا بهترين موقعا آهن، هائوسنگ منصوبي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ جامع حڪمت عملي جي ذريعي قدم کنيا پيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم ج?? ا??ساس پروگرام جي خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر ثانيه نشتر سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، سينيٽر شبلي فراز چيو ته ڪورونا جي ڪر?? ا??ان جي ماڻهن کي اها تڪليف ناهي ڏ??ڻي پئي جيڪا ٻين ملڪن کي ڏ??ڻي پئي، هن چيو ته ڪورونا کان اڳ معاشي صورتحال بهتر ٿي، جيتوڻيڪ ڪورونا وبا جي ڪري معيشت ت?? ا??ر پيا، عوام جي ڀلائي ۽ سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، وبا جي دوران حڪومت عوام کي مشڪلاتن کان بچائڻ لاءِ پرعزم رهي، هن چيو ته قومي رابطا ڪميٽي ج?? ا??لاسن جو مقصد سڀني شعبن ۾ رابطن کي مضبوط ڪرڻ آهي.