اسلام آباد – 07 جو??اء?? (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) کي ٻڌايو ويو آهي ته وزيراعظم عمر??ن خان جي هدايتن جي روشني ۾ سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ 1227 آڪسيجن بيڊز فراهم ڪيا ويا آهن. منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽرين پاران سمارٽ لاڪ ڊائون جي حوالي سان تازي صورتحال، ذاتي تحفظ جي اوزارن (پي پي ايز) ۽ ماسڪ جي فراهمي، ڪورونا و??ا جي ڦه??اء?? جي صورتحال ۽ اسپتالن ۾ ”ر??مپ اپ پلان“ جو جائزو ورتو ويو. اين سي او سي کي ڏني ويندڙ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪورونا وائرس جي مريضن جي بهتر علاج جي ??اء?? وزيراعظم عمر??ن خان جي هدايتن تي هيستائين سڄي ملڪ جي مختلف اسپتالن ۾ وڌيڪ 1227 بستر شامل ڪيا ويا آهن.