اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشر??ات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ 98 سيڪڙو معاملن تي سمورن صوبن جو اتفاق راءِ هو، سواءِ ??نڌ جي سمورن صوبن بشمول آزاد ڄمو?? ۽ ??شمير، گلگت بلتستان هڪ زبان ۽ هم آواز ٿي وزيراعظم جي ان سوچ کي اڳتي وڌايو، سنڌ حڪومت بنا مشاورت جي سڀ کان اڳ لاڪ ڊائون ڪيو ان جي باوجود سنڌ ۾ڪورونا وائرس جا تصديق ٿيل ڪيس، ڪورونا وائرس جي وينٽيلٽر تي پيل ماڻهو، فوتگيو?? ۽ ??ورونا جو ڦهلاءُ سمورن صوبن کان وڌيڪ آهي، وفاقي حڪومت سنڌ جي شهرين کي بي يارو مددگار سنڌ حڪومت جي رحم ڪرم تي نه ٿي ڇڏي سگهي، اندرون سنڌ سميت سڄي سنڌ ۾ هر طرف بک، بدحالي، بيروزگاري عروج تي آهي، ڪورونا کان بچڻ جي لاءِ ??حتياط ئي واحد علاج آهي، حڪومتي قدمن سان گڏوگڏ عوام کي به احتياط لاءِ ??مل?? حصيدار بڻجڻو پوندو، عوام حڪومت سان گڏجي ڪورونا وائرس کي شڪست ڏيندي. هو پي ٽي آءِ ??نڌ جي صدر حليم عادل شيخ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهي هئي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشر??ات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪورونا وائرس سان واڳيل چئلينجز جي حوالي سان قومي بيانيو ۽ قومي حڪمت عملي جوڙي وئي، ان حڪمت عملي جو محور ۽ مرڪز اهو آهي ته ڪورونا جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ وفاق ۽ صوبا حفاظتي تدبيرن تي عمل ڪ?? ۽ ??ورونا جي ڦهلاءُ کي محدود ڪرڻ جي لاءِ وبا سان واڳيل احتياط کي ڏاهپ ذريعي عوام ۾ باور ڪرايو وڃي ته اهو مرض ناقابل علاج آهي، ڪورونا کان بچڻ جي لاءِ ??حتياط ئي واحد علاج آهي.