ڪوالالمپور – 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قا??ون جي حڪمراني پاڪستان ۾ وڏو مسئلو رهيو آهي، بااثر ماڻهن، هڪ هٺي گروپ ۽ سياسي مافيائون پاڻ کي قا??ون کان مٿانهون سمجهن ٿيون ۽ مرضي سان قيمتون وڌائي ڇڏين ٿا ۽ غريب جو استحصال ڪن ٿا، پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي ل??ءِ اسان کي ان جو مقابلو ڪرڻو آهي، مهاتير محمد اسان جي ل??ءِ رول ماڊل آهي، ملائيشيا جو معاشرو تحمل ۽ برداشت سان مالامال آهي، ڪوالالمپور سربراهه اجلاس جو مقصد سڄي دنيا ۾ اسلامو فوبيا جو گڏيل مقابلو ڪرڻ هو، مسلمان دنيا جي قيادت اولهه کي اسلام جو حقيقي چهرو ڏيکارڻ ۾ ناڪام رهي آهي، انتهاپسند پروپئگنڊه جي ذريعي نوجوانن کي گمراهه ڪيو پيو وڃي، دهشتگردي جو اسلام سان ڪو تعلق نه آهي. انسٽيٽيوٽ آف ايڊوانس اسلامڪ اسٽڊيز ۾ اهم خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان بابت قائداعظ?? محمد علي جناح جو ويزن منهنجو ويزن آهي.