اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊا??ٽر فردوس عاشق اعواڻ سان فرانس جي سفير مارڪ بارٽي ملاقات ڪئي جنهن ۾ اي ايف پي طرفان اي پي پي لاءِ فني تعاون، تربيتي سهولتن ۽ ميڊيا جي وفدن جي ٻه طرفي مٽاسٽا تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات دوران وزيراعظم جي خاص مددگار ڊا??ٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پاڪستان ۾ صحافين جي صلاحيت ۾ اضاف?? ۽ ??کيا لاءِ فرانس کان تعاو?? جا خواهشمند آهيون، هن ٻنهي ملڪن جي اسٽيٽ نيوز ايجنسيز ۽ نيشنل براڊ ڪاسٽرز جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.