اسلام آباد – 11 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي خاص مددگار ڊڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) سميت ٻي رياستي ميڊيا جي ذميداري قومي بياني کي سگهه ڏيڻ آهي، رياستي ميڊيا پاڪستان جي روشن تشخص کي روشناس ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ??ري رهي آهي، وزيراعظم جي هدايت تي اي پي پي کي مضبوط رياستي ادارو بڻائن جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهيون. هو ڪالهه ا??بع جي شام مقامي هوٽل ۾ اي پي پي ايمپلائيز يونين (سي بي اي) طرفان پنهنجي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ??ري رهي هئي، وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اي پي پي هڪ اهڙو ادارو آهي جنهن سان پاڪستان جو نالو ڳنڍيل آهي، اي پي پي ۾ ڪم ڪندڙن جو رشتو پاڪستان سان قائم آهي، هن چيو ته اي پي پي کي هڪ مستند ادارو بڻائڻ وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي، جڏهن ته ا??ارن کي فعال ۽ بااختيار بڻائڻ اسان جي ذميداري آهي، هن چيو ته ا??ان کي ان ادا??ي جي به??ري لاءِ يونين سميت سمورن ملازمن کي گڏ کڻي هلڻو آهي، ادا??ي جا حقيقي اسٽيڪ هولڊرز ان جا ملازم آهن.