اسلام آباد ??? 30 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ناليواري اداڪار شڪيل جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظه??ر ڪندي چيو آهي ته سندس لاڏاڻو پاڪستان جي ڊراما انڊسٽ??ي جي لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته 70ع جي ڏهاڪي کان ان جو نالو پاڪستان جي ڊراما انڊسٽ??ي جي سنهري دور سان ڳنڍيل آهي، جڏهن ڊراما پنهنجي جاند??ر ڪردارن ۽ اداڪا??ي جي ڪري ناظرين کي محسور ڪندا هئا. هن چيو ته شڪيل پنهنجي لازوال ڪردارن ۽ شاندار اداڪا??ي جن سان منهنجي عمر جي ماڻهن جون قيمتي يادون واڳيل آهن، جي ڪري شهرت جي بلندين تي پهتو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت ۽ درجا بلند ڪري ۽ گهرڀاتين کي صبر ??مي?? عطا فرمائي.