اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) نگران وفاقي ڪابينا 6 سيڪڙو جي واڌ جي شرح تي ??طمينان جو اظهار ڪندي ادائيگين ۾ توازن، مالي ۽ قرضن جي سگهه ۽ سرڪاري ادارن جي بهتر نظم ۽ ضبط جي لاءِ عبوري ڪابينا جي مينڊيٽ تحت فوري قدم کڻڻ جي ضرورت تي ??ور ڏنو آهي. نگران ??زي??اعظم جسٽس (ر) ناصر الملڪ جي صدارت ۾ نگران وفاقي ڪابينا جو اجلاس ??زي??اعظم آفيس ۾ منعقد ٿيو، گهرو سيڪريٽري ڪابينا کي وفاقي گهرو وزرات ۽ ان سان لاڳاپيل ادارن جي ??ارڪردگي جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني، هن ملڪ ۾ داخلي سلامتي ۽ امن امان کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ کنيل قدمن ۽ انتظامي پاليسي قدمن جي باري ۾ ڪابينا کي آگاهه ڪيو. گهرو سيڪريٽري وفاقي ڪابينا کي آزاداڻي، منصفاڻي، غير جانبداراڻي ۽ پرامن چونڊون منعقد ڪرائڻ کي يقيني بڻائن جي لا??ِ اليڪشن ڪميشن جي مدد جي ??س ۾ گهرو وزارت جي قدمن جي باري ۾ به ٻڌايو.