مظفر ڳڙهه -04 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته زراعت پاڪستاني معيشت ۾ ڪرنگهي واري حيثيت رکي ٿي، حڪومت ان جي ترقي لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي. اهڙو اظهار هن مظفر ڳڙهه ۾ سيمسن زرعي فارم جي دوري دوران ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت زراعت کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي. زراعت پاڪستاني معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي وارو درجو رکي ٿي. سينيٽ چيئرمين زرعي فارم ۾ سينٽرل پيوٽ سسٽم (Central Pivot System) جو به افتتاح ڪيو. اه?? سسٽم 210 ايڪڙن تي مشتمل ان فارم جي پيدا??ار ۾ اضافي لاءِ ڪم ايندو. يوسف رضا گيلاني فارم ۾ ٻوٽو لڳايو ۽ دعا ڪ??ي. ??ن موقعي تي ڪنسلٽنٽ ڊ??ئر??ڪٽر شاهد احمد خان ۽ بئريسٽر منصور شاهه کيس فارم جي باري ۾ بريفنگ ڏني، ان موقعي تي مظفر ڳڙهه ڪوٽ ادو ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر سيد منور عباس، ڊي پي او ۽ انتطاميه جا ٻيا آفيسر به موجود هئا.