اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان سان اسلامڪ رليف ??ي ??فد پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيا?? موجب ??فد جي قيادت برطانيه جي ڪونسلر شاهين اشرف ڪئي. وقتي چيئرمين اسلامڪ رليف ??ي ??فد کي چيمبر ۾ ڀليڪار ڪيو. وقتي چيئرمين چيو ته اسلامڪ رليف قدرتي آفتن دوران انسانيت جي خدمت ڪئي، جنهن سندن شڪرگذار آهيون. پاڪستان ۾ زلزلن، ٻوڏن ۽ سوڪهڙي سبب پيدا ٿيل صورتحال ۾ اسلامڪ رليف ??ا رضاڪار سڀ کان اڳيان رهيا. سيدال خان ملاقات دوران چيو ته بلوچستان صوبي ۾ اسلامڪ رليف ڏورانهن علا??قن ۾ وڃي رليف ??و ڪم ڪيو. اڄ به اسلامڪ رليف ??ي مختلف منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته مختلف علا??قن ۾ رليف ??ينٽر جو قيام تعريف ??وڳو آهي، مشڪلن گهڙين ۾ رليف فراهم ڪرڻ انسانيت جي تمام وڏي خدمت آهي. ??فد وقتي چيئرمين جو ٿورو مڃيو ۽ بلوچستان سميت ٻين پٺتي پيل علا??قن ۾ نَون منصوبن جي شروعات لاءِ عزم جو اظهار ڪيو.