اسلام آباد-30 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وز??ر رانا تنوير حسين سان اٽلي جي سفير ميريلنيا ??رم??لن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ زرعي ۽ ڊيري مصنوعات جي پيداوار جي حوالي سان گڏيل سه??ار تي زور ڀريو ويو. نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت جي ترجمان مطابق وفاقي وز??ر چيو ته اٽلي ۽ پاڪستان وچ ۾ گهرا لاڳاپا گڏيل سه??ار جي بنياد تي آهن. دنيا کي فوڊ سيڪيورٽي جا چئلينجز درپيش آهن. وز??راعظم محمد شهباز شريف خاص طور تي زرعي پيداوار جي شعبي کي هٿي وٺرائڻ تي توجهه ڏئي رهيو آهي. وفاقي وز??ر چيو ته پاڪستان کير جي پيداوار جي حوالي سان پهرين صف جي ملڪن ۾ شامل آهي. اٽلي پاڪستان مان اُٺ جو کير آمدني واپار ڪري سگهي ٿو. وفاقي وز??ر جو چوڻ هو ته پاڪستاني زرعي مصنوعات جي روانگي واپار لاءِ ڪيترائي موقعا موجود آهن. مصنوعات جي ڪوائلٽي کي بهتر ۽ ويليو ايڊڊ بنائڻ لاءِ حڪومت ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي.