اسلام آباد-25 آ??ٽو??ر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ميانوالي پوليس کي زبردست لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪند?? چيو آهي ته پنجاب پوليس ??ي بهادر جوانن 10 خوارجي دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو.جمعي ڏينهن پنهنجي بيان ۾ وفاقي گهرو وزير ڊي پي او ميانوالي اختر فاروق ۽ پوليس ٽيم ??ي شاباش ڏيند?? چيو ته ميانوالي پوليس ??ي ٽيم جرئت سان خوارجي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو. پنجاب پوليس ??ي ڪمانڊر آءِ جي عثمان انور ۽ سندس ٽيم کي مبارڪون ڏيان ٿو. هن چيو ته ميانوالي پوليس ??ي ڪارنامي تي قوم کي فخر آهي. پنجاب پوليس ??ي بهادر سپوتن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. 10 خوارجي دهشتگردن کي مارڻ وارا پوليس ??هلڪار قوم جا هيرو آهن.