رياض – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پا??ستان ۽ سعودي عرب گڏجي ترقي ۽ خوشحالي جون منزلون طئي ڪندا، معاهدن جي مَس خشڪ ٿيڻ کان اڳ انهن تي عملدرآمد خوش آئنده آهي. وزيراعظم اهڙن خيالن جو ??ظهار سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چئي. ان موقعي تي سعودي عرب جي شاهي ديوان جو ??لاحڪار محمد بن التويجري پڻ موجود هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پا??ستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۾ اضافي جو ??لسلو جاري آهي. پنهنجي تازي سعودي عرب جي دوري جي دوران وزيراعظم جي خصوصي ڪوششن سان سعودي عرب پاران پا??ستان ۾ وڌيڪ 600 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري جي معاهدن تي اتفاق ٿيو آهي. ان کان اڳ سعودي عرب جي سيڙپڪاري وفد جي آڪٽوبر 2024ع ۾ پا??ستان جي دوري ۾ 2.2 ارب ڊالر جي مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ٿيون آهن. وزيراعظم جي تازي سعودي عرب جي دوري ۾ 600 ملين ڊالر جي اضافي سان مجموعي طور تي پا??ستان ۾ تازي سعودي سيڙپڪاري جو ماپو 2.8 ارب ڊالر ٿي ويو آهي. جڏهن ته سعودي عرب جي پا??ستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ صحيحون ٿيندڙ مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن جو ??نگ 27 مان وڌي 34 ٿي ويو آهي. سعوديه پا??ستان سيڙپڪاري منصوبن مان 5 منصوبن تي ڪم شروع ??ي تيزي سان تڪميل طرف گامزن آهي. وزيراعظم جي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم پاران سعودي عرب ۾ رهندڙ پا??ستانين جي ڀلائي لاءِ سعودي حڪومت سان ڳالهه ٻولهه به ڪئي وئي.