اسلام آباد -14 آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي سهڪار تنظيم (ايس سي او) جي م??مب?? ملڪن جي حڪومتي سربراهن واري ڪائونسل جو 23 هون اجلاس اڱارو 15 آڪٽوبر کان اسلام آباد ۾ شروع ٿيندو، اجلاس ۾ واپار ۽ معيشت تي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ ثقافتي رابطن ۽ سهڪار وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون وينديون. شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهن واري اجلاس ۾ شرڪت ڪن??ڙ ملڪن جا نمائندا اڳ ۾ ئي گادي واري هنڌ پهچڻ شروع ٿي ويا آهن. پرڏيهي مهمانن جي آجيان لاءِ رنگ برنگي ر??شنين، گلن جي سجاوٽ ۽ ايس سي او ملڪن جي جهنڊن ۽ بينرن سان شهر جي ر??نق ٻيڻي ٿي وئي آهي. ايل اي ڊي ڊسپلي اسڪرينون اسلام آباد جي مرڪزي چونڪن تي لڳايون ويون آهن. سڄي شهر جي اهم هنڌن کي ر??گ برنگي ر??شنين ۽ پاڪستاني جهنڊن سان سجايو ويو آهي. چين جي اسٽيٽ ڪائونسل جو وزيراعظم لي ڪيانگ هڪ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ گادي واري هنڌ پهچي چڪو آهي، جتي هو پاڪستان جي سول ۽ عسڪري قيادت سان ملاقاتون ڪن??و. شنگهائي سهڪار تنظيم جي ٻين اعليٰ ترين فورم ايس سي او سي ايڇ جي ٻن ڏينهن واري اجلاس جي صدارت وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪائونسل جي موجوده چيئرمين جي حيثيت سان ڪن??و. سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪن??ڙ شنگهائي سهڪار تنظيم جي م??مب?? ملڪن جي سربراهن ۾ چين جو وزيراعظم اسٽيٽ ڪائونسل چي چيانگ، بيلا روس جو وزيراعظم رومان گولوف چينڪو، قازقستان جو وزيراعظم اولڙاس بيڪ تينوف، روس جو وزيراعظم ميخائيل مشوستن، تاجڪستان جو وزيراعظم ڪوهر رسول زاده، ازبڪ وزير اعظم عبدالله اريپوف، ڪرغزستان جي وزيرن ??اري ڪابينه جو چيئرمين ڙاپاروف اڪيل بيگڪ، ايران جو اول نائب صدر محمد رضا عارف ۽ ڀارتي پرڏيهي وزير سبرامنيم جي شنڪر شامل آهن. ان کان علاوه منگوليا مبصر طور سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪري ر??يو آهي جنهن جي نمائندگي وزيراعظم ڪري ر??يو آهي، ترڪمانستان جي نمائندگي خصوصي مهمان جي حيثيت ۾ وزيرن ??اري ڪابينه جو نائب چيئرمين راشد مريدوف ڪري ر??يو آهي. اجلاس ۾ شرڪت ڪن??ڙ ٻين مهمانن ۾ ايس سي او جو سيڪريٽري جنرل جانگ منگ، ڊائريڪٽر ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ايس سي او ريجنل اينٽي ٽيررسٽ اسٽرڪچر رسلان مرزائيف، بورڊ آف ايس سي او بزنس ڪائونسل جو چيئرمين عاطف اڪرام شيخ ۽ ڪائونسل آف ايس سي او انٽر بيئنڪ يونين جو چيئرمين مارات ييلي بائيف شامل آهن. شنگهائي سهڪار تنظيم جي م??مب?? ملڪن جا حڪومتي سربراهه ڪائونسل جي اجلاس ۾ معيشت، واپار، ماحوليات ۽ سماجي ۽ ثقافتي رابطن جي شعبن ۾ جاري سهڪار تي ڳالهيون ڪيون وينديون ۽ تنظيم جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو. شنگهائي سهڪار تنظيم جي م??مب?? ملڪن جا اڳواڻ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ تنظيم جي بجيٽ جي منظوري لاءِ اهم تنظيمي فيصلا ڪن??ا.