اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ سينيئر سياستدان الاهي بخش س??مر?? جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مرحوم جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم مرحوم جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته مرحوم الاهي بخش س??مر?? قومي اسيمبلي جي اسپيڪر طور پنهنجون ذم??واريون انتهائي بهتر طريقي سان سرانجام ڏنيون. وزيراعظم چيو ته سندس لاڏاڻي سان پاڪستان جي سياست هڪ مدبر ۽ ڏاهي سياستدان کان محروم ٿي وئ??. پاڪستان جي لاءِ سندس خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون.